ربنواز شيخ بڪ ڪارنر

ربنواز شيخ بڪ ڪارنر: ربنواز ولد عبدالرحيم شيخ جي نالي تي 5 ڊسمبر 1981ع تي لاڙڪاڻي ۾ بوڪ ڪارنر قائم ڪيو ويو. سندس والد مرحوم عبدالرحيم شيخ اصل لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي جو رهاڪو هو ۽ پوءِ سنڌ مدرسي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندو هو. ان دوران صحافت سان به تعلق رکيائين ۽ ’الوحيداخبار ۾ پارٽ ٽائيم ملازمت ڪندو هو. محترم ربنواز شيخ جي مواد جي جائزي وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو صاحب شايد سنڌ حڪومت جي خزاني واري کاتي ۾ ڪنهن سٺي عهدي تي رهيو هو، ڇو ته سندس مواد ۾ بجيٽن جون مختلف رسالن جون ڪاپيون ۽ مختلف کاتن جي اسڪيمن جون ڪاپيون موجود آهن. سندس والد صاحب جو ڪافي مواد آهي، جنهن ۾ صحافت، سنڌي ۽ اردو ادب، اسلامي تعليم جي مضمونن تي مشتمل آهي. ڪارنر لاءِ جيڪو مواد تحفي طور مليو، ان ۾ 180 سنڌي، 410 انگريزي، 72 اردو، هڪ عربي ۽ هڪ فارسي ڪتاب، جملي 664 ڪتاب ۽ 38 سنڌي رسالا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو